تهي ٽڪر

تهي ٽڪر: هي ٽڪر سمنڊن ۾ مادي جي تهن جا ٺهيل آهن، جن ۾ مٽي، گپ ۽ بجري وغيره هوندي آهي. درياهن جي پاڻيءَ سان گڏ لٽ ۽ ٻيو مادو سمنڊن ۾ پهچندو آهي، جتي ڪيميائي شيون انهن تهن کي پاڻ ۾ گڏي نهري شڪل ۾ آڻين ٿيون. پاڻيءَ ۾ حل ٿيندڙ مادا مثلاً: لوڻ ۽ ڪئلشيم جا مرڪب، تهن ۾ ويهي تهدار ٽڪرن جي شڪل وٺن ٿا. تهدار ٽڪرن ٺاهڻ ۾ آبي جانور به مدد ڏين ٿا. مرڻ کان پوءِ جانور ۽ ٻوٽا تري ۾ گڏ ٿيندا رهن ٿا ۽ سندن ئي جسمن جو ڪئلشيم ڪاربونيٽ پنهنجي ئي وزن هيٺ ڄمي وڃي ٿو ۽ تهي ٽڪر ٺهي پوي ٿو .


لفظ تهي ٽڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو